صحيفه قادريه

صحيفه قادريه (رسالو): سنڌي ٻوليءَ جو مذهبي رسالو جيڪو انگريزن جي دور ۾ 1907ع ۾ راڻيپور مان جاري ٿيو هو. ’صحيفه قادريه‘ جو ايڊيٽر حڪيم مولوي محمد صادق راڻيپوري هو. هيءُ رسالو مذهبي مواد تي ٻڌل هو. هن رسالي ۾ سنڌي عالمِ اسلامي مضمون شايع ڪرائيندا هئا. رسالي جي ميمبرن ۾ مولانا دين محمد وفائي پڻ شامل هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو